عثماني ذات

عثماني (ذات): هي خليفته الثالث (بنواميه) حضرت عثمان غني﷦ جي اولاد مان آهن. حضرت عثمان کي ڏهه پٽ هئا، قريشي ۽ عثماني سڏجندڙ ٻن پٽن ‘عبدالله’ ۽ ‘ابان’ کان سندس نسل جاري آهي. هنن جا ڪافي ماڻهو برصغير ۾ حڪومت ڪرڻ خاطر ۽ اسلام جي تبليغ لاءِ آيا ۽ سنڌ ۾ئي آباد ٿي ويٺا، جن پاڻ کي ‘عثماني’ سڏايو. سنڌ ۾ رهندڙ ‘بشواڻي’ پڻ هن خاندان مان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو